پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسلام آباد يا لاهور جي ڪاروباري طبقي کي فيصلا ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي، ڪجهه سياستدان چاهين ٿا ته امير طبقي کي ري سيٽ ڪيون، اسلام آباد واران کي چوندس ته حڪمراني بدران خدمت ڪن،نوان جهيڙا شروع ڪرڻ بدران معاشي آفت کي منهن ڏيڻ گهرجي،پاڪستان جي سياست کي ري سيٽ ڪرڻو پوندو
ڪراچي ۾ 10 لک گهرن جي اڏاوت مڪمل ٿيڻ تي تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو گهر اڏڻ وارو منصوبو آهي،هن کان پهريان نيپال وٽ گهڻا گهر ٺاهڻ جو رڪارڊ هو سنڌ حڪومت نئين تاريخ رقم ڪري ڇڏي آهي،سنڌ حڪومت 10 لک گهر ٺاهيا آهن
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٽن سالن اندر سنڌ سرڪار 10 لک گهر اڏي تاريخ لکي آهي شڪر آهي عالمي بئنڪ صوبائي حڪومت تي اعتماد ڪيو بلوچستان ۾ وفاقي حڪومت 30 هزار گهر ۽ سنڌ حڪومت 10 لک گهر ٺاهيا پاڪستان ۾هن کان وڏي عالمي رٿا موجود ئي ناهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرپشن جا الزام هڻندڙن کي چئلينج ٿو ڪريان ثابت ڪري ڏيکارين،وڏو وزير عالمي ادارن کي دعوت ڏئي ته گهرن واري رٿا ۾ڪرپشن ڳولي ڏيکارين
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪجهه سياستدان چاهين ٿا ته امير طبقي کي ري سيٽ ڪيو وڃي آئون سمجهان ٿو ته غريب ماڻهن کي ري سيٽ ڪرڻ سان ئي ملڪ ترقي ڪندو
پ پ چيئرمين چيو ته وزيراعظم سڀ کان پهرين پنهنجي اتحادين جو اعتماد بحال ڪري نوان جهيڙا شروع ڪرڻ بدران معاشي آفت کي منهن ڏيڻ گهرجي، پاڪستان جي سياست کي ري سيٽ ڪرڻو پوندو
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سياسي جماعتن کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو،عوام نه ٿو ٻڌڻ چاهي ته هاڻ سياستدان پاڻ ۾ ڪيئن ٿا وڙهن اسلام آباد يا لاهور جي ڪاروباري طبقي کي فيصلا ڪرڻ جو ڪو به حق ناهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهباز شريف کان اڳ هڪ ٻيو وزير اعظم به هئو پر هن سنڌ کي ڪجهه به نه ڏنو پر هن سنڌ کي پنهنجو سمجهڻ کان به انڪار ڪيو
هن چيو ته وزيراعظم جي ٽيم ۽ صوبن جي ٽيمن ۾ هڪٻئي سان سهڪار لاءِ ملاقات ٿي آهي وفاقي حڪومت پنهنجا ڪم آساني سان ڪري ۽ صوبن کي به پنهنجا ڪم ڪرڻ ڏنا وڃن


