پشاور ۾ خانگي اسڪول جي ڇت ڪِرڻ سبب 29 ٻارن سميت 35 ڄڻا فوت ۽ 40 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا
ريسڪيو عملدارن موجب، دير ڪالوني ۾ هڪ خانگي اسڪول جي ڇت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ٻار ملبي هيٺ دٻجي زخمي ٿي پيا
عمارت هيٺان دٻجي ويل سمورن لاشن ۽ زخمين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي
33 لاش ليڊي ريڊنگ اسپتال ۽ 2 لاش نصيرالله بابر ميموريل اسپتال آندا ويا
سي سي پي او ميان سعيد موجب، واقعي ۾ زخمين جو انگ 40 کان وڌيڪ آهي، اسڪول مالڪ کي گرفتار ڪري ورتو آهي
واقعي جي جاچ لاءِ ٽه رڪني ڪميٽي قائم ڪري سيڪريٽري تعليم جِي انڪوائري ڪميٽي کي اڄ ئي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي
ضلعي انتظاميه موجب، اسڪول جي عمارت ٽه ماڙ هئي واقعي بابت انڪوائري ڪميٽي قائم ڪئي آهي، ڪميٽي ڇت ڪِرڻ جي سببن جو پتو لڳائيندي، اسڪولي عمارت جو ملبو هٽايو پيو وڃي، ملبي ۾ دٻيل سمورن ماڻهن کي ڪڍيو ويو آهي


