سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته شنگهائي سيڙپڪاري ڪانفرنس ۾ 34 مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون، سنڌ ۾ چيني سيڙپڪاري سان نوان موقعا پيدا ٿيندا
شنگهائي سيڙپڪاري ڪانفرنس بعد صحافين سان ڳالهائيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۽ چين جي سيڙپڪارن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي
هن چيو ته ڪانفرنس دوران سنڌ ۾سيڙپڪاري جي موقعن کي اجاگر ڪيو ويو، مختلف شعبن ۾ مجموعي طور 34 مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون ويون
سندس چوڻ هو ته حڪومتي سطح تي 10 (جِي ٽو جِي) ۽ 24 ٻين ڪاروباري ادارن ۾ (بي ٽو بي) معاهدن تي صحيحون ڪيون ويون
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته توانائي، ڪوئلي، يونيورسٽين ۽ ٻين شعبن جي مفاهمتي يادداشت نامن تي صحيحون ٿيون آهن
هن چيو ته پاڪ-چين دوستي پاڪستان ۽ پوري خطي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿي، اقتصادي سهڪار معيشت ۾ بهتري ۽ ترقي جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو
سندس چوڻ هو ته ڌاٻيجي اسپيشل اڪنامڪ زون چيني سيڙپڪارن لاءِ اهم موقعا فراهم ڪري ٿو، چيني سيڙپڪارن ڌاٻيجي زون ۾ سيڙپڪاري ۽ صنعتي يونٽس قائم ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي
سينيئر وزير چيو ته سنڌ ۾ صنعتن جي قيام سان بيروزگاري ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ مقامي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي، صنعتي سرگرمين کي هٿي ملندي ۽ روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.
هن چيو ته سنڌ حڪومت صوبي ۾ صنعتي ترقي لاءِ ڪوششون وٺي رهي آهي، مختلف شعبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي سان پاڪ-چين اقتصادي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا
سندس چوڻ هو ته سيڙپڪاري ڪانفرنس جا ثمر جلد عوام تائين پهچندا، سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ صوبي ۾ معاشي سرگرمين ۽ روزگار جي موقعن ۾ واڌ ٿيندي


