پارليامينٽ جي خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ جي اڪثريت راءِ سان منظوري
گڏيل اجلاس ۾ڪي پي اندر ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لاڳو ڪرڻ بابت صدارتي فرمان پيش ڪيو ويو، جڏهن ته اجلاس ۾ٻئي ٺهراءَ وفاقي وزير طارق فضل چوڌري پيش ڪيا
اجلاس دوران وزيراعظم جي اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي سان ملاقات پڻ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم ٻيهر ڳالهين جي دعوت ڏني
اجلاس ۾ڳالهائيندي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته ڪي پي ۾ آئين موجب ايمرجنسي لڳائي وئي، ٻڌايو ته ڪنهن سرحد کولي دهشتگردن کي ملڪ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني؟ ڪهڙي حڪومت حڪم ڏنو ته دهشتگردن کي آزاد ڪيو وڃي؟، ٽي ٽي پي جا ڀڄي ويل دهشتگرد واپس آيا ۽ مسئلا ٻيهر شروع ٿيا
اجلاس دوران ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪوشش ڪئي ته ڪي پي حڪومت دهشتگردي جي معاملي تي سهڪار ڪري، اسان جي ڪوشش هئي ته ايمرجنسي نه لڳائي وڃي، ڪي پي ۾ ويٺل پي ٽي آءِ جي ماڻهن صوبي ۾ ايمرجنسي تي مجبور ڪيو، آخري منٽ تائين ڪوشش ڪئي ته ايمرجنسي نه لڳي
پ پ سينيٽر شيري رحمان چيو ته گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ڳالهين کي ترجيح ڏني وئي هئي، اپوزيشن پنهنجا گهڻا مطالبا مڃرائي چڪي هئي، پر ان پاڻ کي ڳالهين واري عمل کان ڌار ڪري ڇڏيو، لانگ مارچ ۽ احتجاجي سياست مسئلن جو حل ناهي، ٻاهرين اثر رسوخ سبب ڳالهين وارو عمل متاثر ٿيو
پ پ ايم اين اي شازيا مري چيو ته پي ٽي آءِ دهشتگردي جو بهانو بڻائي غلط ڳالهه ڪري رهي آهي، هنن ڪي پي ۾دهشتگردي ۽ بيروزگاريءَ جي خاتمي لاءِ ڪي به قدم نه کنيا، دهشتگردي خلاف جنگ ۾اسان پنهنجا ڪارڪنن ۽ قيادت وڃائي آهي ۽ هنن پنهنجي دنيا وڃائي آهي
پ پ اڳواڻ راجا پرويز اشرف چيو ته جمهوري قوتون ڪوشش ڪنديون آهن ته اهڙا قدم نه کنيا وڃن، توهان کي ايتري مقبوليت آهي ته اقتدار ۾ هجڻ گهرجي ها، سياستدان وٽ ڳالهيون ئي هٿيار هوندو آهي، ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ آئين ۽ قانون مطابق لڳو آهي
وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ايمرجنسي لڳائڻ ڪنهن جي فتح يا شڪست جو معاملو نه آهي، صوبي ۾دهشتگردي ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جو رويو ايمرجنسي جو ڪارڻ بڻيو، حڪومت دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو فيصلو ڪيو آهي
قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ دهشتگردي جا واقعا وڌي رهيا هئا، ڪي پي حڪومت جي صوبي ۾ امن امان جي حوالي سان غير سنجيدگي واضح هئي، ڪي پي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي سگهه وڌائڻ تي ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو
پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ واري رٿ جي حق ۾ 214 ووٽ پيا، جڏهن ته مخالفت ۾ 56 ميمبرن ووٽ ڏنا


