سڪيورٽي فورسز افغان سرحد تان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي
سيڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج تائده سيڪٽر، اپر ڪرم ۽ غوز ڳڙهي ۾ افغان طالبان جي بنا جواز فائرنگ جو اثرائتو جواب ڏنو
سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪ فوج افغان طالبان جي بنا جواز فائرنگ جو ڀرپور جواب ڏنو، جنهن دوران افغان رجيم جا ڪيترائي اهلڪار مارجي ويا
سڪيورٽي ذريعن موجب، پاڪ فوج جي جوابي ڪارروائي ۾ افغان طالبان جي ٽاپسر پوسٽ، شپولا بيس ڪيمپ کي نشانو بڻايو ويو، شپولا بيس ڪيمپ مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جنهن کانپوءِ طالبان اهلڪارن سرحدي چوڪيون خالي ڪري ڇڏيون


