وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو موقف بلڪل چٽو آهي ته پاڻي اسان جي ريڊ لائن آهي، پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش جنگي قدم تصور ٿيندي، عالمي سطح تي تسليم ٿيل معاهدن تي عمل ڪرڻ سڀني ملڪن جي ذميواري آهي ۽ سنڌ طاس معاهدي جي هڪطرفي معطلي وارو ڀارتي فيصلو قبولڻ جوڳو ناهي.
مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مالديپ جي صدر کي پاڪستان جي دوري تي ڀليڪار چوان ٿو، 11 سالن کانپوءِ مالديپ جي ڪنهن صدر جو پاڪستان جو دورو وڏي اهميت رکي ٿو.
هن چيو ته وقت سان گڏ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا مختلف شعبن ۾ مضبوط ٿيا آهن ۽ مالديپ جي صدر سان تعميري ۽ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
وزيراعظم چيو ته ملاقات دوران اقتصادي سهڪار، واپار، تعليم ۽ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي سهڪار وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
هن چيو ه پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ ويجهن ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ڀائيواري ۾ تبديل ڪرڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ طئي ٿيل مفاهمتي يادداشتن تي عملدرآمد لاءِ پڻ پرعزم آهيون.
شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ ٻطرفي واپار ۾ نمايان واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ايندڙ ٻن سالن دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار جو ڪاٿو 13 ملين ڊالرن مان وڌائي 200 ملين ڊالرن تائين پهچائڻ تي اتفاق ٿيو آهي، جنهن لاءِ ڪوششون تيز ڪيون وينديون.
هن چيو ته مالديپ جي شاگردن جو وڏو انگ پاڪستاني تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستاني ڊاڪٽر ۽ معاون طبي عملو مالديپ ۾ انسانيت جي خدمت ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم چيو ته پاڪستان مالديپ کي آءِ ٽي جي شعبي ۾ ٽيڪنيڪي سهڪار فراهم ڪندو، مالديپ تيزيءَ سان ڊيٽا سينٽرز تعمير ڪري رهيو آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سهڪار جا وسيع موقعا موجود آهن.
هن مالديپ جي صدر ڊاڪٽر محمد معيزو کي انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي پاران ڊاڪٽريٽ جي اعزازي ڊگري ملڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته پاڪستان مالديپ سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.
فلسطين جي مسئلي تي ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته مالديپ فلسطين جي مسئلي جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، جڏهن ته پاڪستان هڪ آزاد ۽ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام لاءِ پنهنجي اصولي موقف جي حمايت جاري رکندو.
ڪشمير مسئلي بابت شهباز شريف چيو ته ان جو حل ڪشميري عوام جي خواهشن ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن مطابق ڪڍڻو پوندو. پاڪستان تڪرارن جي پرامن حل تي يقين رکي ٿو.
سنڌ طاس معاهدي بابت وزيراعظم چيو ته عالمي سطح تي تسليم ٿيل معاهدن تي عمل سڀني ملڪن جي ذميواري آهي، پاڻيءَ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ برداشت نه ڪيو ويندو ۽ پاڪستان جو پاڻي روڪڻ جي ڪا به ڪوشش جنگي قدم تصور ٿيندي.
وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ مالديپ وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ٿيل معاهدن کي عملي جامو پهرائڻ سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا ۽ اقتصادي ڀائيواري کي نيون راهون ملنديون.


