سعودي فوجي اتحاد دعويٰ ڪئي آهي ته سعودي عرب پاران ايندڙ 4 ڊرون هوا ۾ تباهه ڪيا ويا آهن
اتحادي فوج جي ترجمان چيو ته سعودي عرب ڏانهن ايندڙ چئن ڊورنز کي هوا ۾ تباهه ڪيو ويو آهي
ترجمان ٻڌايو ته مدينه منور ۽ سعودي عرب جي اوڀر وارن علائقن ۾ ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو
ٻئي طرف يمني حڪومتي فورسز 24 ڪلاڪن ۾ حوثي مليشيا جي 558 جنگجوئن کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي
يمن جي حڪومت جي فورسز جي سربراهه چيو ته حوثي اڪثريتي مليشيا جي 135 فوجي گاڏين کي تباهه ڪيو ويو صوبي تعز ۾ حوثين جي پيش قدمي کي روڪيو ويو آهي
ٻئي طرف ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو ته ايران جي ٽياڪڙي واري آڇ تي سعودي عرب ۽ يمن طرفان ڪوبه جواب نه مليو آهي
عراق جي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي عباس عراقچي چيو ته آڇ هلندڙ مهني جي شروعات ۾ ان وقت ڏني وئي هئي جڏهن حوثين سعودي عرب تي حملن ۾ اضافو ڪيو هو


