News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

مجبوريءَ ۾ ڪي پي ۾ گورنر راڄ لڳائڻو پيو، آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين: وزير اعظم

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، جوانن ۽ آفيسرن جون قربانيون رائيگان نه وينديون، ڪي پي کي دهشتگردي خلاف هر ممڪن وسيلا فراهم ڪنداسين

ڪي پي جي مجموعي سڪيورٽي صورتحال بابت پشاور ۾وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو اهم اجلاس ٿيو

اجلاس ۾فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري، ڪور ڪمانڊر پشاور، گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، وفاقي ۽ صوبائي گهرو وزيرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي

ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اسان کي مجبوريءَ ۾ ڪي پي ۾ ايمرجنسي ۽ گورنر راڄ لڳائڻو پيو، خيبرپختونخواهه وطن جي پهرين مضبوط ڀت آهي

هن چيو ته پشاور اسڪول جي ڇت ڪرڻ سبب استاد ۽ ٻارن جي فوت ٿيڻ تي ڏکارو آهيان، گورنر ڪي پي کي چيو هو واقعي واري هنڌ جو دورو ڪري جاچ ڪرائي وڃي

سندس چوڻ هو ته ڪجهه سالن دوران جيڪي حالتون پيدا ڪيون ويون، ان ڪري صوبو گهڻو متاثر ٿيو، بهادر فوج ۽ سيڪيورٽي ادارن قربانيون ڏئي ملڪ مان دهشتگردي جو خاتمو ڪيو هو، 2018 تائين خيبرپختونخواهه ۾ مڪمل امن قائم ٿي ويو هو

وزيراعظم چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ 80 هزار ماڻهو شهيد ۽ اربين ڊالرن جو نقصان ٿيو، ڪي پي جي ڪيترن ئي سياسي خاندانن دهشتگردي خلاف تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون، امن جي قيام کانپوءِ پي ٽي آءِ جي دور ۾ دهشتگردن کي ٻيهر گهرايو ويو، سڀني قربانين تي پاڻي ڦيريو ويو، قيمت صوبي جي عوام کي ادا ڪرڻي پئي

هن چيو ته ڪي پي ۾تعليم، صحت ۽ امن سميت عوامي ڀلائي جا سڀئي معاملا نظرانداز ڪيا ويا، ان کان وڏي مجرماڻي غفلت ۽ بي حسي جو مثال ٻيو نٿو ٿي سگهي، انهيءَ جي ڪري گذريل ڪجهه سالن دوران دهشتگردي ۾ ٻيهر واڌ ٿي

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ حڪومت کي خاطري ڪرائي هئي ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ توهان سان گڏ آهيون، ڇا اسان خيبرپختونخواهه کي وڌيڪ سڙندي ڏسندا رهون ها؟، اسان ڪيستائين خيبرپختونخواهه ۾ رتوڇاڻ برداشت ڪندا رهون ها؟

هن وڌيڪ چيو ته اسان سياسي ڪميٽي جوڙي، جنهن 48 ڪلاڪن تائين ڳالهين ۾ گهڻي محنت ڪئي، خيبرپختونخواهه جي خراب حالتن تي صدر سان ٻيهر صلاح مشورو ڪيو، انهن ئي سببن جي بنياد تي خيبرپختونخواهه ۾ سخت فيصلا ڪرڻا پيا

اجلاس ۾ڳالهائيندي گورنر ڪي پي فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته ڪي پي کي امن، استحڪام، ترقي ۽ خوشحالي جو مثالي صوبو بڻائڻو آهي، عوامي تحفظ ۽ خوشحالي لاءِ وفاق ۽ صوبي وچ ۾ سهڪار ضروري آهي

هن چيو ته صوبي مان دهشتگردن، انهن جي سهولتڪارن ۽ مالي مدد ڪندڙن جو خاتمو ترجيح آهي، ڪي پي  ۾مسئلن جي حل لاءِ قابل حڪمت عملي واضح ڪرڻ اسانجو مقصد آهي،اهڙو ماحول چاهيون ٿا جتي هر شهري پاڻ کي محفوظ ۽ ترقي جي عمل جو حصو سمجهي

اجلاس ۾دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تي اتفاق ڪندي هٿياربند فوج، پوليس ۽ عوام جي شهادتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *