ڏکڻ آفريڪا ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا کي اننگز ۽ 31 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، سيريز 1-1 تان برابر ڪري ڇڏي آهي
آسٽريليا پهرين اننگز ۾ 99 رنسن تي ڍير ٿي وئي، جڏهن ته فالو آن ملڻ کانپوءِ ٻي اننگز ۾ به 295 رنسون ٺاهي سگهي
آسٽريليا جي پهرين اننگز ۾ ڏکڻ آفريڪي بالرن شاندار ڪارڪردگي ڏيکاري، مارڪو يانسن 5، ويان مولڊر ۽ ڪگيسو ربادا 2-2، جڏهن ته انريچ نورٽجي هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي
ڏکڻ آفريڪا پهرين اننگز ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 425 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي
ڪپتان ٽيمبا باووما شاندار بيٽنگ ڪندي 179 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته مارڪو يانسن 85 ۽ سائمن هارمر 82 رنسن جي اننگز کيڏي
آسٽريليا طرفان اسڪاٽ بولينڊ 5 ۽ مچل اسٽارڪ 3 وڪيٽون ورتيون
فالو آن کانپوءِ آسٽريليا جي ٽريوس هيڊ 121 رنسن جي مزاحمتي اننگز کيڏي، جڏهن ته اسڪاٽ بولينڊ 40 ۽ ايلڪس ڪيري 37 رنسون ٺاهيون، پر ٻيا بيٽر ڏکڻ آفريڪي بالرن جو مقابلو نه ڪري سگهيا ۽ سڄي ٽيم 295 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي
ڏکڻ آفريڪا طرفان ٻي اننگز ۾ ڪگيسو ربادا 4، ويان مولڊر 3 ۽ سائمن هارمر 2 وڪيٽون حاصل ڪيون.
شاندار سينچريءَ تي ڏکڻ آفريڪي ڪپتان ٽيمبا باووما کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو


