News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي،محسن  اختر ڪياني پنهنجي استعيفيٰ ۾ چيو آهي ته هن ذاتي سببن، صحت جي مسئلن ۽ ضمير جي آواز تي عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو آهي

جسٽس محسن اختر ڪياني پنهنجي استعيفيٰ ۾ چيو آهي ته عدالتي ڪيريئر دوران هن 23 هزار کان وڌيڪ ڪيسن جا فيصلا ڪيا، جڏهن ته 26هين ۽ 27هين آئيني ترميمن هاءِ ڪورٽن جي آزادي ۽ اداري جي خودمختياري کي متاثر ڪيو آهي

هن موقف اختيار ڪيو ته عدالتي آزادي ۽ انصاف جي عمل تي عوامي اعتماد کي سخت نقصان پهتو آهي

استعيفيٰ ۾ جسٽس محسن اختر ڪياني لکيو آهي ته موجودا حالتن ۾ جج جي حيثيت سان پنهنجون ذميواريون جاري رکڻ لاءِ سندس ضمير اجازت نٿو ڏئي. هن چيو ته هو ٻيهر وڪالت جي شعبي ۾ واپس اچي عوام جي حقن جي تحفظ ۽ قانوني شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪم ڪندو.

ياد رهي ته جسٽس محسن اختر ڪياني کي 23 ڊسمبر 2015ع تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو هو. هلندڙ سال اپريل ۾ جوڊيشل ڪميشن سندس اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان لاهور هاءِ ڪورٽ بدلي جي منظوري ڏني هئي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *