پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته منهنجي خواهش آهي ته هتان جي تحقيق اسان جي زرعي زمين جي پيداوار وڌائن، منهنجي خواهش آهي ته اسان جي نوجوانن لاءِ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿين،
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جو افتتاح ڪري ڇڏيو
بلاول ڀٽو زرداري استادن سان ڳالهيون ڪيون، يونيورسٽي جي تعليمي پروگرامن تي بريفنگ
ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اعليٰ تعليم لاءِ گهر کان پري وڃڻ نوجوانن جي مجبوري نه پر اوليت هجڻ گهرجي،اڄ يونيورسٽي آف لاڙڪاڻو جو افتتاح ڪندي خوشي ٿي آهي
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هتان جي تحقيق زرعي زمين جي پيداوار وڌائي ۽ نوجوانن لاءِ ترقي جا نوان موقعا پيدا ٿين،
پ پ چيئرمين چيو ته لاڙڪاڻي پاڪستان جي سياسي تاريخ تي پنهنجو گهرو اثر ڇڏيو آهي،اميد آهي ته لاڙڪاڻي يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪندڙ شاگرد ملڪ جي مستقبل لاءِ ڪردار ادا ڪندا
پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي بريفنگ ڏني وئي ته لاڙڪاڻي ۾ نوجوانن لاءِ پنهنجي علائقي ۾ علم، تحقيق ۽ اڳتي وڌڻ جا موقعا وڌي رهيا آهن،هتي 2 هزار 875 شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن يونيورسٽي ۾ زراعت ۽ انجنيئرنگ سان مصنوعي ذهانت تائين 26 تعليمي پروگرام جاري آهن


