News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

ايران جوهري پروگرام بابت ڳالهين لاءِ تيار، جنگ جي خاتمي لاءِ اڳڀرائي جو امڪان: بلومبرگ

ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي جا امڪان ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، جڏهن ته ايران پنهنجي جوهري پروگرام سان لاڳاپيل ڪجهه معاملن تي ڳالهين لاءِ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي

پرڏيهي خابرو اداري بلومبرگ جي رپورٽ موجب، ڳالهين کان باخبر هڪ سفارتڪار دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جنگ جي خاتمي لاءِ ڪنهن ممڪن ٺاهه جي ويجهو پهچي رهيا آهن

سفارتڪار موجب، ايران پنهنجي جوهري سرگرمين بابت قطر طرفان پيش ڪيل تجويزن جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺي رهيو آهي. انهن تجويزن ۾ اهڙا معاملا به شامل آهن، جيڪي اڳ ۾ ڳالهين جي ايجنڊا جو حصو ئي نه هئا

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوهري پروگرام بابت ايران طرفان ڪنهن به قسم جي رعايت يا لچڪ ڏيکارڻ ڳالهين ۾ وڏي اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿي

ياد رهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ تازو ئي خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي ڪوششن بابت قطر جي امير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي

رپورٽ موجب، ان رابطي مان اشارو ملي ٿو ته صدر ٽرمپ جنگ ختم ڪرڻ چاهي ٿو، جنهن جا سياسي اثر آمريڪا جي مڊٽرم چونڊن ۾ پڻ ظاهر ٿيا، جتي سندس ريپبلڪن پارٽي کي ڊيموڪريٽس هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو

صدر ٽرمپ اڳ به ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ايران خلاف جنگ جو بنيادي مقصد تهران کي جوهري هٿيار ٺاهڻ کان روڪڻ آهي

ٻئي طرف ايران جو مسلسل موقف رهيو آهي ته سندس جوهري پروگرام فوجي نه پر پرامن مقصدن لاءِ آهي

بلومبرگ موجب، جيڪڏهن ايران پنهنجي جوهري سرگرمين بابت وڌيڪ شفافيت ۽ نگرانيءَ جي اجازت ڏيڻ تي راضي ٿئي ٿو ته اهو امن عمل کي اڳتي وڌائڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ اهم اڳڀرائي ثابت ٿي سگهي ٿو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *