News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

پنڊي ٽيسٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن مضبوط، 434 رنسن تي اننگز ڊڪليئر، سريلنڪا جون 3 وڪيٽون 114 رنسن تي ڪِري پيون

پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين سريلنڪا پهرين اننگز ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 114 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جڏهن ته پاڪستان جي پهرين اننگز جي برتري ختم ڪرڻ لاءِ سريلنڪا کي اڃا 320 رنسون گهربل آهن

ٻئي ڏينهن پاڪستاني ڪپتان بابر اعظم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 434 رنسن تي پهرين اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو اعلان ڪيو، جنهن کانپوءِ پاڪستاني بالرن شاندار شروعات ڪندي رڳو 12 رنسن تي سريلنڪا جون ٻه وڪيٽون حاصل ڪري ورتيون.

پاسندو سوريا بندارا بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته دنيش چنديمل هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو،ان کانپوءِ لاھيرو اودارا ڪجهه مزاحمت ڪئي، پر 65 رنسن جي مجموعي اسڪور تي 42 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو

راند ختم ٿيڻ وقت ڪميندو مينڊس 40 ۽ ڌننجيا ڊي سلوا 22 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا

پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڊيبيو ڪندڙ فاسٽ بالر ثاقب خان 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته محمد عباس هڪ وڪيٽ ورتي

ان کان اڳ ٻئي ڏينهن جي راند جي شروعات تي سعود شڪيل ذميواراڻي بيٽنگ جاري رکندي نوجوان بيٽر غازي غوري سان گڏ 96 رنسن جي ڀائيواري قائم ڪئي

غازي غوري پنهنجي پهرين ٽيسٽ ففٽي کان رڳو 2 رنسون پري رهجي ويو ۽ 48 رنسون ٺاهي 349 جي مجموعي اسڪور تي آئوٽ ٿيو

ٻئي ڏينهن مانيءَ جي وقفي تائين پاڪستان 6 وڪيٽن جي نقصان تي 390 رنسون ٺاهي ورتيون هيون،ان وقت سعود شڪيل 91 ۽ عرفات منهاس 27 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا، سعود شڪيل ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي پاڪستان جي اننگز کي سهارو ڏنو ۽ ٽيم کي مضبوط پوزيشن ۾ پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو

مانيءَ جي وقفي کانپوءِ پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 9 وڪيٽن جي نقصان تي 434 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي

سعود شڪيل 93 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته عرفات منهاس ڊيبيو ميچ ۾ شاندار اڌ سينچري اسڪور ڪندي 52 رنسون ٺاهيون. رضا الله 10 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن کانپوءِ ڪپتان بابر اعظم اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

سريلنڪا طرفان اسيٿا فرنينڊو ۽ دلشان مدوشنڪا 3-3 وڪيٽن سان نمايان رهيا، ياد رهي ته پهرئين ڏينهن سريلنڪا ٽاس کٽي پاڪستان کي پهريان بيٽنگ جي دعوت ڏني هئي. پهرئين ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تي پاڪستان 5 وڪيٽن جي نقصان تي 281 رنسون ٺاهيون هيون، ڊيبيو ڪندڙ طيب عارف 51 بالن تي 57 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، جڏهن ته اذان اويس 30 رنسون ٺاهي سندس ڀرپور ساٿ ڏنو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *