ڀارتي فلم انڊسٽري جو ناليوارو اداڪار نانا پاٽيڪر 75 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
نانا پاٽيڪر جو اصل نالو وشواناٿ پاٽيڪر هو، هو پهرين جنوري 1951ع ۾ مهاراشٽرا ۾ ڄائو ۽ ٿيٽر کان پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪئي.
نانا پاٽيڪر 1978ع ۾ فلم ”گامن“ ذريعي بالي ووڊ ۾ قدم رکيو، فلم ”پرندا“ ۾ نڀايل ڪردار تي کيس نيشنل فلم ايوارڊ سان نوازيو ويو، جڏهن ته غلام مصطفيٰ، ڪرانتي وير، اگني ساڪشي، خاموشي، اب تڪ ڇپن جهڙين فلمن ۾ به سندس اداڪاري کي تمام گهڻي مڃتا ملي.
نانا پاٽيڪر رڳو سنجيده ڪردارن تائين محدود نه رهيو، 2007 جي فلم ويلڪم ۾ مزاحيا ڪردار سندس مقبول ترين ڪردارن مان هڪ بڻجي ويو، کيس ٽي نيشنل فلم ايوارڊ مليا، جڏهن ته 2013ع ۾ پدم شري سان پڻ نوازيو ويو.
رپورٽن موجب 8 آڪٽوبر جي صبح گوا ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي نانا پاٽيڪر کي دل جو دورو پيو، کيس بيهوشي جي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿي سگهيا، موت جو حتمي سبب پوسٽ مارٽم کان پوءِ واضح ٿيڻ جو امڪان آهي.


