News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

وفاقي حڪومت خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ذريعن موجب ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ لاءِ سڀاڻي وفاقي ڪابينا کان منظوري وٺڻ جو امڪان آهي

سڀاڻي وفاقي ڪابينا کان ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري وٺڻ جو امڪان آهي  جنهن لاءِ ٻنهي ايوانن جا اجلاس  اڱاري تي طلب ڪيا ويا آهن

سڀاڻي وفاقي ڪابينا جو اجلاس گهرايو ويو آهي، جنهن دوران خيبر پختونخواهه ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جي منظوري وٺڻ جو امڪان آهي

ان کان اڳ، وزيراعظم محمد شهباز شريف ايوانِ صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

ايوانِ صدر پاران جاري ڪيل بيان موجب، اجلاس ۾ وزيراعظم سان گڏ ڊپٽي وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار، سياسي معاملن بابت  وزيراعظم جو صلاحڪار سينيٽر رانا ثناءُ الله، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، اٽارني جنرل منصور عثمان اعواڻ، قانون ۽ انصاف وارو وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ ۽ وفاقي وزير سينيٽر احد چيما  به گڏ هئا

اجلاس دوران صدر سان گڏ سينيٽر شيري رحمان، سيد نويد قمر، سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم موجود هئا

اجلاس ۾ 13 آڪٽوبر تي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جا الڳ الڳ اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو

مليل ڄاڻ موجب خيبرپختونخوا جي صورتحال بابت ايوان صدر ۾ ٿيل اجلاس ۾ گورنر ڪي پي ڪي فيصل ڪريم ڪنڊي پاران صوبي ۾ امن امان  ۽ سڪيورٽي جي صورتحال بابت موڪليل رپورٽ تي غور ڪيو ويو

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *