خيبرپختونخوا جي اپيڪس ڪميٽي صوبي ۾ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ سي ٽي ڊي جي صلاحيت وڌائڻ ۽ جديد هٿيار فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي
خيبرپختونخوا صوبي جي اپيڪس ڪميٽي جو اجلاس گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، ڪور ڪمانڊر پشاور ۽ اعليٰ سول توڙي فوجي اختيارين شرڪت ڪئي
اجلاس دوران خيبر پختونخواهه مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي ۽ جٽادار امن جي قيام لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جو عزم ڪيو ويو ۽ دهشتگردي خلاف انٽيليجنس جي بنياد تي ڪارروايون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو
اجلاس جي پڌرنامي موجب، اپيڪس ڪميٽي فيصلو ڪيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن وسيلن کي ڪتب آندو ويندو پوليس توڙي ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ جي صلاحيتن کي وڌائڻ لاءِ جديد هٿيار ۽ ضروري وسيلا فراهم ڪيا ويندا
ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته پوليس کي بڪتربند گاڏيون، ضروري ٽرانسپورٽ ۽ گهربل افرادي قوت فراهم ڪئي ويندي دهشتگردي جو خاتمو ۽ امن جو قيام رياست جي سمورن ادارن جي گڏيل ترجيح آهي
اهو به فيصلو ڪيو ويو ته خيبر پختونخواهه جي عوام جي تعليم، صحت ۽ رهڻي ڪهڻي جي معيار سان لاڳاپيل معاملن تي ڌيان ڏنو ويندو، ۽ پٺ تي پيل توڙي متاثر علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويندو


