ڪوئيٽا ويجهو پاڪ فوج جو مشاق تربيتي جهاز حادثي جو شڪار ٿي ويو،جهاز ۾ سوار ٻئي پائليٽ شهيد ٿي ويا
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جو تربيتي جهاز فني خرابي سبب ڪري تباهه ٿي ويو حادثو ڪوئيٽا جي علائقي نوان ڪلي ويجهو پيش آيو
بيان ۾ چيو ويو آهي ته تربيتي جهاز ۾ سوار ٻئي پائليٽ انسٽرڪٽر پائليٽ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ شاگرد پائليٽ ڪيپٽن عبدالصمد شهيد ٿي ويا
صدر آصف علي زرداري ڪوئيٽا جي ويجهو پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادٽي ۾ ٻن پائليٽن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي ڪٽنب سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو
وزير اعظم شهباز شريف به ڪوئيٽا ۾ پاڪ فوج جي تربيتي جهاز جي حادثي ۾ ميجر حسنين شهزاد همايون ۽ ڪيپٽن عبدالصمد جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو


