قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ محمود خان اچڪزئي چيو آهي ته جمهوري پاڪستان لاءِ اُهي هر قسم جي ڳالهين لاءِ تيار آهن، کين پي ٽي آءِ باني سان ملڻ جي اجازت ڏني وڃي، اُهي لکي ڏين ٿا ته ٻاهر اچي ڪجهه به نه ٻڌائيندا
سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علامه راجا ناصر عباس، پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ ٻين اڳواڻن سان گڏ پارليامينٽ ٻاهران پريس ڪانفرنس ڪندي محمود خان اچڪزئي چيو ته هن جي نالي اهو ٻڌڻ ۾ آيو ته محمود خان ملڻ نٿو چاهي، ائين ناهي، هوُ هرهنڌ ملڻ لاءِ تيار آهي پر وزيراعظم هائوس ۽ اسپيڪر جي آفيس ۾ نه ملندو
محمود خان اچڪزئي چيو ته پي ٽي آءِ کي روئڻ جي به اجازت ناهي، سندن مينڊيٽ به چوري ڪن ٿا ۽ روئڻ به نٿا ڏين، انهن آئين تي روئڻ شروع ڪيو ته صوبي ۾ گورنر راڄ ۽ ايمرجنسي لڳائي ڇڏي هن چيو ته گورنر راڄ هڪ وڏو حملو آهي، اُهي پنهنجي پارٽين کي هدايت ڪندا ته سڀاڻي کان سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪن، هر ضلعي ۾ پرامن احتجاج ڪيو ويندو ۽ ڳالهيون به ڪبيون


