نيب ڪراچيءَ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي گڏيل مقابلي واري امتحان سي سي اي 2023 ۾ مبينا بيضابطگين ۽ بدعنوانيءَ جي الزامن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
نيب 20 آڪٽوبر 2026ع تي گڏيل جاچ ٽيم آڏو پيش ٿيڻ لاءِ ايس پي ايس سي جي سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي امتحاني عمل سان لاڳاپيل اهم رڪارڊ طلب ڪيو آهي.
طلب ڪيل رڪارڊ ۾ امتحاني نتيجا، خالي جاين جا تفصيل، ڪوٽا ۽ اهليت جي معيار، ميرٽ ۽ الاٽمينٽ جو فارمولو، انٽرويو پينل جا تفصيل، اميدوارن جون جائزي واريون شيٽون ۽ انٽرويوز جون وڊيو رڪارڊنگز شامل آهن.
نيب موجب، لاڳاپيل قانوني ۽ انتظامي دستاويزن سان گڏ انهن اميدوارن جا فائل پڻ پيش ڪرڻا پوندا، جيڪي لکت واري امتحان ۾ شريڪ ٿيا ۽ انٽرويو لاءِ اهل قرار ڏنا ويا.
نوٽيس ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جاچ ۾ رنڊڪ وجهڻ يا هدايتن تي عمل نه ڪرڻ جي صورت ۾ قومي احتساب آرڊيننس 1999ع جي سيڪشن 31 تحت قانوني ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ ڏهه سال قيد جي سزا جو ذڪر ڪيو ويو آهي


