
سينيٽ جو اجلاس چيئرمين يوسف رضا گيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو
اجلاس ۾ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير طارق فضل چوڌري ڪي پي ۾ ايمرجنسي لڳائڻ واري معاملي تي ٺهراءُ پيش ڪيو
سينيٽ خيبرپختونخوا ۾ ايمرجنسي لڳائڻ بابت ٺهراءُ جي اڪثريت راٰءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي
مخالف ڌر جي ميمبرن ٺهراءُ جي مخالف ڪندي سينيٽ جي اجلاس دوران احتجاج ڪيو ۽ ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو
اُن دوران ڳالهائيندي قانون واري وفاقي وزير، اعظم نذير تارڙ چيو ته ايمرجنسي بابت ٺهراءُ آئيني ضرورت آهي، مخالف ڌر جي خواهش تي آئين جي ڀڃڪڙي نٿي ڪري سگهجي
اعظم نذير تارڙ چيو ته سينيٽ ۾ ڪالهه به هن معاملي تي بحث ٿيو هو، ٺهراءُ آئيني گهرج آهي، اُن تي بحث به ڪري سگهجي ٿو


