ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قالبياف چيو آهي ته امريڪا غلط اندازو لڳايو ته ترت ئي اهڙو ته جارحاڻو جواب ڏينداسين جو آمريڪا جا ڏند کٽا ٿي ويندا
ايران جي پارليامنيٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف امريڪا کي خبردار ڪيو آحي ته واشنگٽن جيڪڏهن اڳرائي ڪئي ته ايران ان جو فوري طور تي اهڙو جواب ڏيندو جو دشمن جا ڏند کٽا ٿي ويندا
پرڏيهي خابرو اداري موجب ته ايران جي نئين ميزائل سٽي جي مهورت جي تقريب جي موقعي تي خطاب ڪندي باقر قالبياف چيو ته ڪنهن به غلطي جي صورت ۾ هٿياربند فوج تڪرار جي جاگرافيائي دائري جو تعين خود پاڻ ڪندي
ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو ته نئون ميزائل سٽي ايران پاران دشمنن جي لاءِ واضح پيغام آهي جنگ جي باهه ۾ به ايران پنهنجي دفاعي صلاحيتن کي بهتر بڻائي رهيو آهي
محمد باقر قاليباف چيو ته پاسدارن انقلاب جي ايرو اسپيس فورس جي نئين ميزائل سٽي جي مهورت ايراني عوام جي ان عزم جو اظهار آهي ته هو ملڪ جي خودمختياري ، سلامتي ۽ علائقائي سالميت جو دفاع ڪندو
محمد باقر قالبياف ڇين بابت ڳالهائيندي چيو ته چين امن جي بحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو
ايراني سرڪاري نشرياتي اداري موجب محمد باقر قالبياف جو چوڻ هو ته ايران ۽ عرب ملڪن سان چين جا تعلقات ۽ بيجنگ جا سفارتي قدم خطي جي سلامتي کي مضبوط بڻائڻ ۽ نئين علائقائي نظام جي جوڙجڪ ۾ مدد ڏيڻ جو موقعو فراهم ڪن ٿا


