News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر ملندا

ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان کي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن جا اثر گهٽائڻ لاءِ 50 ڪروڙ ڊالرن جي هنگامي مالي مدد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

هن سهولت تحت ٻوڏ، زلزلي يا ٻين قدرتي آفتن جي صورت ۾ پاڪستان کي فوري بجيٽ مدد فراهم ڪئي ويندي، جنهن سان معيشت ۽ قومي خزاني تي پوندڙ دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مدد ملندي
اي ڊي بي موجب، پاڪستان ۾ ٻوڏن، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سبب هر سال سراسري طور 2 ارب ڊالرن جو نقصان ٿئي ٿو، جڏهن ته 2022ع جي تباهيءَ واري ٻوڏ سبب 14 ارب 90 ڪروڙ ڊالرن جو سڌو سنئون نقصان ۽ 15 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن جو معاشي خسارو ٿيو هو، ان ٻوڏ جي نتيجي ۾ 91 لک ماڻهو غربت جي ور چڙهي ويا هئا
ماهرن جو چوڻ آهي ته قدرتي آفتن سبب غريب ۽ ٻهراڙيءَ وارا ماڻهو وڌيڪ متاثر ٿين ٿا، جڏهن ته عورتن ۽ نياڻين کي به ٻين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو
اي ڊي بي جي ڪلائيميٽ اينڊ ڊزاسٽر ريزيلينس انهانسمنٽ پروگرام جي ٻئي مرحلي تحت پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي تيارين، خطرن جي انتظام ۽ ترقياتي منصوبابنديءَ ۾ آفتن کان بچاءَ جا اپاءَ شامل ڪرڻ لاءِ سڌارن جي حمايت ڪئي ويندي
پروگرام ذريعي قدرتي آفتن کانپوءِ مالي وسيلن جي دستيابي بهتر بڻائڻ سان گڏ پاڪستان جي ڊزاسٽر رسڪ فنانسنگ نظام کي به مضبوط ڪيو ويندو
پاڪستان ۾ اي ڊي بي جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايما فئن چيو آهي ته قدرتي آفتن دوران سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ آباديءَ ۾ عام طور ڪمزور ۽ محروم طبقا شامل هوندا آهن، تنهنڪري اڳواٽ تيارين ۾ سيڙپڪاري سان انساني جانيون ۽ روزگار بچائڻ، معاشي نقصان گهٽائڻ ۽ ترقياتي ڪاميابين کي محفوظ رکڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي
هن چيو ته اهو پروگرام پاڪستان کي اهم سڌارن تي عملدرآمد ۽ مستقبل کي وڌيڪ محفوظ ۽ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. پروگرام قدرتي آفتن جي خطرن کي منهن ڏيڻ بابت پاڪستان جي قومي ترجيحن ۽ ايشيا توڙي پئسفڪ خطي ۾ موسمياتي تبديلين ۽ قدرتي آفتن خلاف مضبوط نظام کي هٿي ڏيڻ واري اي ڊي بي جي عزم سان هم آهنگ آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *