آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل موجب، ٽرمپ سرڪار آمريڪا جي چونڊن کان پوءِ ايران تي حملن بابت نار وارن ملڪن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. امڪاني آمريڪي ڪارروائيءَ ۾ ايران جي جوهري ٺڪاڻن ۽ بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ تي ويچار ڪيو پيو وڃي
اخبار موجب، آمريڪي فوج ٽيڪساس مان پيٽريئٽ ميزائلن واري بچاءَ جي نظام جو هڪ وڌيڪ دستو اسرائيل منتقل ڪري رهي آهي، جڏهن ته هڪ وڌيڪ هوائي جهاز کڻندڙ جنگي ٻيڙين جو جٿو ۽ سامونڊي فوج جو دستو به ڪارروائيءَ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ تيار رکيا ويا آهن
وال اسٽريٽ جرنل جو چوڻ آهي ته آمريڪي حملن جي صورت ۾ ايران جوابي حملا ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني آهي


