News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

اختلافن بدران عوام جون مشڪلاتون حل ڪرڻ ترجيح آهي، وفاق سان گڏجي هلڻ چاهيون ٿا: بلاول ڀٽو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت هر هڪ سان وڙهڻ بدران اسٽيڪ هولڊرز سان ڳالهيون ڪري،اسان پي ٽي آءِ، مولانا ۽ دهشتگردن سان وڙهنداسين ته معاشي ترقي ڪڏهن ڪنداسين اسان ڀارت سان به وڙهي رهيا آهيون، افغانستان سان به وڙهون پيا،هر ڪنهن سان وڙهڻ بدران ڳالهيون ڪرڻ گهرجن

لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي ٻڌل اسپتال جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته   فوڪس اختلافن تي نه پر معاشي مسئلن جي حل تي هجڻ گهرجي  جيڪڏهن اسان پاڻ ۾ وڙهنداسين ته عوام کي پيش ايندڙ معاشي چئلنجز کي منهن ڪيئن ڏينداسين

 بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ کي وفاقي حڪومت جي جيتري مدد ملڻ گهرجي، اها نٿي ملي،سنڌ ۾ وفاقي منصوبا نه هجڻ برابر آهن، صحت جي شعبي جي ذميواري اسان پاڻ کڻي رهيا آهيون  عوام جو جيئڻ ڏکيو ٿي ويو آهي، انهن جي مالڪي ڪير ڪندو

 بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلزپارٽي لاءِ دهشتگردي ريڊ لائن آهي افغانستان تبديلي کانپوءِ  پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ واڌ ٿي آهي،

 بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات هاڪاري رهي، وزيراعظم سان گڏجي حڪمت عملي جو ڙي آهي، وفاق سان رابطا بهتر بڻائڻ لاءِ ڪراچي ۾ گڏجاڻي ٿيندي، چاهيون ٿا ته وفاق سان گڏجي عوام لاءِ ڪم ڪيون وزيراعظم کي صوبن ۾ ڪابينا اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني آهي

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته لاڙڪاڻي جي اسپتال جي اڏاوت ۾ وفاق جو ڪو به سهڪار ناهي،

ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ اسپتالن جي ذميواري اسان بهتر انداز ۾ نڀايون پيا، لاڙڪاڻي شهر کي پاڻي جي فراهمي ممڪن بڻائڻ چاهيون ٿا،بلوچستان جو عوام به علاج لاءِ لاڙڪاڻي ايندو آهي

 هن چيو ته مون کي گهڻي وقت کانپوءِ لاڙڪاڻي اچڻ جو موقعو مليو،سڄي سنڌ ۾ صحت جي شعبي کي ترجيح ڏئي رهيا آهيون،پهريون ڀيرو لاڙڪاڻي مان ايم اين اي ٿيس ته خبر پئي چانڊڪا اسپتال جا وڏا مسئلا آهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيا آهيون

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  لاڙڪاڻي، قمبر ۽ شهدادڪوٽ جي ترقياتي ڪمن جو جائزو ورتو آهي ڪوشش هوندي ته هتي عالمي معيار جهڙيون سهولتون فراهم ڪيون اميد ڪيان ٿو ته 600 بسترن جي اسپتال لاڙڪاڻي جي شان موجب هوندي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *