News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

اردن: چرچ ۾ ميت جي آخري رسمن دوران فائرنگ، 8 ماڻهو مارجي ويا

اردن جي ڪرڪ صوبي جي علائقي ۾ واقع حمود گرجا گهر اندر ميت جون آخري رسمون ادا ڪرڻ دوران هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 8 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 40 ڄڻا زخمي ٿي پيا

اردني اختيارين موجب، واقعي وقت گرجا گهر اندر ميت جون آخري رسمون جاري هيون ته هٿياربندن فائرنگ ڪئي، جنهن سبب جاني نقصان ٿيو

اردن جي گهرو وزير مازن الفرايه موجب، حملي ۾ انتهاپسند ملوث هئا، پر هن وقت اهو چوڻ وقت کان اڳ هوندو ته انهن جو اردن اندر يا ٻاهر ڪنهن گروهه سان واسطو آهي

ٻئي پاسي اردن جي وزيراعظم واقعي ۾ ٿيل جاني نقصان تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته گرجا گهر تي حملو دهشتگرديءَ واري سوچ ۽ انڌي انتهاپسنديءَ جو نتيجو آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *