اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مانيٽري پاليسي جو اعلان ڪندي وياج جي شرح 11.5 سيڪڙو مان وڌائي 12 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي
گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد موجب، وياج جي شرح ۾ 50 بيسز پوائنٽس واڌ ڪئي وئي، جنهن جي حمايت مانيٽري پاليسي ڪميٽي جي 10 مان 9 ميمبرن ڪئي
گورنر چيو ته تيل جي اگهن ۾ واڌ، پيٽروليم شين جا اگهه 100 ڊالر في بيرل کان مٿي رهڻ ۽ ڪڻڪ مهانگي ٿيڻ سبب مهانگائي وڌڻ جا خدشا آهن
سندس چوڻ موجب، عالمي سياسي صورتحال سبب توانائي جون قيمتون به وڌيون آهن
هن ٻڌايو ته هلندڙ مالي سال دوران ملڪ جي معاشي واڌ جي شرح 3.5 کان 4.5 سيڪڙو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته پاڪستان جون برآمدات اڃا تائين گهربل سطح تي نه پهتيون آهن


