News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

امريڪي حملن جي جواب  ۾ يورپ تي حملا ڪيا ويندا:حسين علي حاجي دليگاني

ايران چيو آهي ته نون امريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي جواب ۾ يورپ تي ڀرپور حملا ڪيا ويندا، جنگ جي صورت ۾ تيل 150 ڊالرز في بيرل کان به وڌي ويندو

ايران جي پارليامينٽ ميمبر حسين علي حاجي دليگاني خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي نئين جنگ مڙهي ته ايران جا جوابي ميزائل حملا يورپ تائين پهچي سگهن ٿا، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 150 ڊالر في بيرل کان به مٿي ٿي سگهي ٿي

. ايراني پارليامينٽ ميمبر چيو ته ايران جو جواب دشمن جي حملي جي پيماني يا جڳهه تائين محدود يا ان جي برابر نه هوندو پر  اهو وسيع، سخت ۽ حڪمت عملي تي ٻڌل هوندو، جنهن ۾ جاگرافيائي حدن جي ڪا به قيد نه هوندي.

هن چيو ته آمريڪا يا اسرائيل طرفان ڪنهن به ڪارروائي يا فوجي جارحيت جو جواب ڏنو ويندو،ايراني ميزائل يورپ ۾ موجود هدفن تائين پهچڻ جي صلاحيت رکن ٿا. اهڙي قسم جي ڇڪتاڻ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن کي 150 ڊالر في بيرل کان مٿي پهچائي سگهي ٿي.

حسين علي حاجي دليگاني ايران جي هٿياربند فوجن ۽ فوجي ڪمانڊرن جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي، دعويٰ ڪئي ته ايران پنهنجي مخالفن جي وچ ۾ خوف، شڪ ۽ ڦوٽ وجهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي، ۽ ملڪ مٿان ٽين جنگ مڙهڻ جي ڪوششن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *