فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران اهم دوري تي تهران پهتو جتي ايران جي اعليٰ قيادت سندس آجيان ڪئي
چيف آف ڊفينس اسٽاف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران جي دوري تي تهران پهچي ويو ،جتي هو ايراني عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪندو
دوري دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار، خطي جي سلامتيءَ جي صورتحال ۽ ايران توڙي آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين بابت پاڪستان جي امڪاني ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي
ايراني ميڊيا موجب فيلڊ مارشل عاصم منير پاڪستاني عملدارن جي وفد سان گڏ تهران پهتو آهي جتي سندس ايران جي اعليٰ عملدارن سان ملاقاتون ٿيڻيون آهن


