امريڪا جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته هو ايران جي خلاف وڏي پيماني تي فوجي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت جلد فيصلو ڪندو
ڊونلڊ ٽرمپ قومي مشيرن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايران جي خلف امڪاني نون حملن ، معاشي دٻاءُ برقرار رکڻ ۽ جنگ ختم ڪرڻ جي لاءِ سفارتي معاهدي جي ماڪانن تي به غور ڪيو ويو
ٻئي طرف اوول آفيس ۾ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هو ان ڳالهه تي غور ڪري رهيو آهي ته ايران جي ايٽمي پروگرام کي ٻيهر بحال ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ وڌيڪ فوجي ڪارروائي ضروري آهي يا نه
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هاڻي اسان فيصلو ڪنداسين ته ڇا اسان وڌيڪ حملا ڪرڻ ڇاهيون ٿا ته جئين اهو يقيني بڻائي سگهجي ته ايران جو ايٽمي پروگرام مڪمل طور تي ختم ٿي ويو آهي ۽ ايران ٻيهر ايٽمي هٿيار ٺاهي نه سگهندو
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته امريڪي انتظاميا هن وقت ٽن امڪاني آپشنز تي غور ڪري رهي آهي ان ۾ ايران تي حملن جي هڪ ٻي لهر شورع ڪرڻ، تهران تي معاشي دٻاءُ برقرا ر رکڻ يا اهڙي معاهدي تي پهچڻ شامل آهي جنهن تحت ايران کي اهم رعايتون ڏنيون وڃن


