بالي ووڊ جي اداڪارا ۽ سماج وادي پارٽيءَ جي ميمبر پارليامينٽ جيا بچن کي هڪ صحافيءَ کي ست سريون ٻڌائي ڇڏيون.
جيا بچن جا صحافين، فوٽوگرافرن ۽ پاپارازي سان اڻبڻت وارا واقعا اڪثر خبرن جي زينت بڻجندا رهندا آهن
سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ جيا بچن هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪري رهي آهي، جتي سندس هڪ صحافيءَ سان اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته جيا بچن هميشه وانگر ڪاوڙ ۾ نظر اچي رهي آهي ۽ اتي موجود صحافين ۽ فوٽوگرافرن کي کيس ڪاوڙ مان گهوريندي ڏسي سگهجي ٿو
ان موقعي تي هڪ صحافيءَ بنا ڪنهن ڊپ جي کيس جواب ڏيندي چيو:”چتائي ڇو ٿا ڏسو؟ توهان اميتاڀ بچن جي زال آهيو، تنهنڪري اسان توهان جون تصويرون ڪڍيون آهن، اهي اکيون اميتاڀ بچن کي ڏيکاريو، اسان کي نه!“
ان کان اڳ به جيا بچن جا عوامي تقريبن دوران فوٽوگرافرن سان ڏند چڪ واريون وڊيوز سامهون ايندا رهيا آهن


