News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

برطانيا: مردن ۾ آپگهات جي شرح رڪارڊ سطح تي پهچي وئي

انگلينڊ ۽ ويلز ۾ 50 کان 54 سالن جي عمر وارن مردن ۾  آپگهات جي شرح 2025ع ۾ رڪارڊ سطح تي پهچي وئي

برطانوي اداري فار نيشنل اسٽيٽسٽڪس (ONS) موجب، گذريل سال هن عمر جي 532 مردن آپگهات ڪيو، جيڪو هر هڪ لک ماڻهن ۾ 28 فوتگين جي برابر آهي

انگن اکرن موجب، 2024ع ۾ اها شرح هر هڪ لک ماڻهن ۾ 27.3 هئي، جڏهن ته 1981ع ۾ رڪارڊ گڏ ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيڻ کان پوءِ اها بلند ترين سطح آهي

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آپگهات جي بلند شرح جو رجحان گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان جنريشن ايڪس سان تعلق رکندڙ مردن ۾ ڏٺو پيو وڃي، جنريشن ايڪس ۾ 1965ع کان 1980ع جي وچ ۾ پيدا ٿيل ماڻهو شامل آهن انگن اکرن موجب، 1990ع واري ڏهاڪي کان وٺي هن نسل جي مردن ۾ آپگهات  سبب ٿيندڙ  فوتگين جي شرح لڳاتار بلند رهي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *