هيري بروڪ جي 202 رنسن واري طوفاني اننگز تي دشون شناڪا جو جوابي وار، سريلنڪا انگلينڊ کي 2 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو
راولپنڊي ۾ ٽه ملڪي ون ڊي سيريز جي ٽِين ميچ ۾ سريلنڪا انگلينڊ کي سخت مقابلي کان پوءِ 2 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي
انگلينڊ جي ڪپتان هيري بروڪ جي 202 رنسن واري شاندار اننگز باوجود سريلنڪن ٽيم 430 رنسن جو هدف 49.5 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو
انگلينڊ پهريان بيٽگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 429 رنسون ٺاهيون
هيري بروڪ 116 بالن تي 21 چوڪن ۽ 10 ڇڪن جي مدد سان 202 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ول جيڪس 30 بالن تي 66 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، جو روٽ 69 ۽ ٽام بينٽن 50 رنسن جي اننگز کيڏي
جواب ۾ سريلنڪا جون شروعاتي 2 وڪيٽون رڳو 24 رنسن تي ڪري پيون، پر اويشڪا فرنينڊو ۽ پون رٿنايڪي ٽيم کي سنڀالي ورتو. اويشڪا 83 بالن تي 97 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته پون رٿنايڪي 106 بالن تي 130 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي
اڳوڻي سريلنڪن ڪپتان دشون شناڪا انگلينڊ جي بالرن تي جارحاڻي بيٽنگ ڪندي رڳو 50 بالن تي 97 رنسون ٺاهيون، جن ۾ 6 چوڪا ۽ 8 ڇڪا شامل هئا، سندس اننگز سريلنڪا کي ڪاميابيءَ جي ويجهو پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو
آخري اوورن ۾ جنيٿ ليانگي 27 بالن تي 61 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي سريلنڪا کي فتح ڏياري، هن 7 چوڪا ۽ 3 ڇڪا هنيا
انگلينڊ طرفان جوش ٽنگ 3، سيم ڪرن 2، جڏهن ته جيمي اوورٽن ۽ ليام ڊوسن هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي


