News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون، 9 دهشتگرد جهنم ڀيڙا

بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاررواين دوران 9 دهشتگرد مارجي ويا آهن

پاڪ فوج جي ساک واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب، فورسز ضلعي ڪڇي ۾ ڪارروائي ڪئي، جتي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ڀارت جي پٺڀرائيءَ سان سرگرم 7 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته سيڪيورٽي فورسز ضلعي ڪڇي ۾ دهشتگردن جي ٺڪاڻي کي به تباهه ڪري ڇڏيو

آءِ ايس پي آر موجب، ضلعي وڍ ۾ به فورسز ڪارروائي ڪئي، جنهن دوران ڀارت جي پٺڀرائيءَ سان سرگرم 2 دهشتگرد مارجي ويا

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ ڪاررواين دوران هٿيار ۽ بارود به هٿ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ علائقن کي ڇنڊڇاڻ ذريعي محفوظ بڻائڻ جون ڪارروايون جاري آهن

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *