مصر ۾ تازي ڄاول ٻار جو غيرمعمولي طور پرسڪون انداز ۾ ليٽي آرام ڪندڙ ٻار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، وڊيو تي صارفين دلچسپ تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن
پرڏيهي خابرو اداري موجب، قاهرا سان واسطو رکندڙ ٻارن جي ماهر ڊاڪٽر اسلام الدح تازي ڄاول ٻار جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي، جنهن ۾ طبي عملي کي ٻار جي نڙيءَ جي تند ڪٽڻ جي تياري ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، جڏهن ته ٻار غيرمعمولي طور پرسڪون انداز ۾ ليٽيل نظر اچي ٿو.
وڊيو ۾ ٻار جي انداز سوشل ميڊيا صارفين کي حيران ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ ماڻهن مزاحيه تبصرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا،ڪجهه صارفين مذاق ڪندي چيو ته ٻار دنيا ۾ ايندي ئي رٽائرمينٽ لاءِ تيار نظر اچي ٿو، جڏهن ته ٻين کيس بادشاهه قرار ڏنو
تازي ڄاول ٻار جي انوکي انداز سوشل ميڊيا واهپيدارن جو ڌيان ڇڪائي ورتو آهي، جڏهن ته سندس پرسڪون حالت ۽ ليٽڻ جي انداز تي دلچسپ تبصرا ڪيا پيا وڃن.
رپورٽ موجب، وڊيو تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ڪئي ۽ آچر تائين رڳو ٽڪ ٽاڪ تي ان کي ڏسڻ جو انگ 20 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ پهچڻ وارو هو


