News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

تيرنهن سالن جو گند ٽن مهينن ۾ صاف ڪنداسين، هاڻي پاليسي جلال آباد مان اسلام آباد مان ايندي: فيصل ڪريم ڪنڊي

خيبر پختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته اسان جي پاليسي وفاق طرفان ايندي، جلال آباد يا قنڌار مان نه ايندي صدر ۽ وزيراعظم جلد هتي ايندا ۽ اسان جا مسئلا حل ڪندا، وفاقي حڪومت اسان تي اعتماد ڪيو آهي،هاڻ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ رابطو نه هجڻ وارو دور ختم ٿي ويو آهي، خيبرپختونخوا جي عوام نفرت ۽ ڏڦيڙ واري سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي

پشاور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  چيو ته اسان جي پهرين اوليت دهشتگردي جو خاتمو آهي اسان جي پهرين اوليت دهشتگردي کي منهن ڏيڻ آهي دهشتگردي خلاف جنگ ڪي پي جي عوام جي جنگ آهي

 خيبر پختونخوا جي گورنر چيو ته پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ لاءِ تيار ڪيل ڪنٽينر لاوارث بيٺل آهي، ڪجهه ڏينهن اڳ جيڪو سرڪس ٿئي پيو، عوام ان کي رد ڪيو،انتظار ۾ آهيون ته لاوارث ڪنٽينر کي ڪو اچي کڻي وڃي

 هن چيو ته اسان کي هڪ نئين سفر جي شروعات ڪئي آهي، اسان پوليس سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي بيٺل آهيون،سيڪيورٽي فورسز کي جيڪي به سهولتون گهربل آهن، اهي ڏنيون وينديون

ڪي پي پوليس جي پگهار وڌائي ويندي، شهيدن جي پونئرن کي اڪيلونه ڇڏينداسين پوليس جي جوانن کي هٿيارن جي فراهمي بابت ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين اڄ پوليس کي 10 گاڏيون فراهم ڪيون  ويون آهن

گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي  چيو ته صوبي ۾ صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ بهتري آندي ويندي،

پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي و يندي، اسان جي پهرين اوليت امن آهي، امن هوندو ته سيڙپڪاري به ٿيندي،

 گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته سهيل آفريدي هن وقت حفاظتي تحويل ۾ آهي صوبي ۾ بدمعاشي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪرڻ نه ڏينداسين، وفاق سان گار گند نه پر ڪيس وڙهي ڪري حق وٺنداسين ڏکيو وقت آهي پر نااميدي حرام آهي13 سالن جو گند صاف ڪرڻو آهي، عوام کي حالتن ۾ جلد فرق نظر ايندوجيڪو به قانون هٿ ۾ کڻندو، ان کي نتيجا ڀوڳڻا پوندا

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *