ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته حرمين شريفين جي تحفظ تي ڪا به سوديبازي نه ٿيندي مسلمانن کي پاڻ ۾ وڙهڻ بدران متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، تڪرارن کي ڪنهن به سطح تي وڌائڻ سان ڪنهن کي به فائدو نه ٿيندو
انـَڊيپنڊنٽ عربيا کي انٽرويو ڏيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا گڏيل اعتماد ۽ سلامتي جي سهڪار تي ٻڌل آهن
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي سلامتي لاءِ پاڪستان جو عزم اٽل آهي، پاڪستان سعودي عرب جي حمايت لاءِ سڀئي ضروري قدم کڻڻ لاءِ تيار آهي
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته سعودي عرب جي سلامتي کي خطرو هجڻ جي صورت ۾ پاڪستان جو سهڪار اهم هوندو ۽ اتحاد ڪنهن ملڪ خلاف نه پر بنيادي مقصد خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي هٿي ڏيڻ آهي
ڊي جي آءِ ايس پي آر وڌيڪ چيو ته جن کي مڪه گڏيل معاهدي کان تڪليف آهي، اهي ئي ان تي تنقيد ڪري رهيا آهن، ڪنهن شئي جو اصل قدر ان جي نتيجن سان حاصل ٿيندو آهي
ليفٽيننٽ احمد شريف چوڌري چيو ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو تمام گهٽ وقت ۾ اڳتي وڌيو آهي ۽ مڪه گڏيل دفاعي معاهدو ٽن ملڪن جي سوچ جو مجموعو آهي
سندس چوڻ هو ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو ٽن ملڪن جي اتحاد جو مظهر آهي، ٽنهي ملڪن ۾ تاريخي لاڳاپا آهن، ٽنهي ملڪن جا لاڳاپا گڏيل احترام ۽ اعتماد تي ٻڌل آهن
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته مڪه گڏيل دفاعي معاهدو ٽنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي، پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيا عوام سميت خطي ۾ امن ۽ خوشحالي تي يقين رکن ٿا
ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته سعودي عرب جي خودمختياري ۽ حرمين شريفين جو تحفظ سوديبازي نه ٿيڻ جوڳو آهي،مڪه مڪرمه ۽ مدينه منورا جو تحفظ پوري مسلم دنيا لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو


