مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف جو چوڻ آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ حالتون قابو کان ٻاهر ٿي رهيون هيون، ايمرجنسي پهريان ۾ ئي لاڳو ڪرڻ گهرجي ها
لنڊن ۾ صحافين سان ڳالهائيندي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي چڪي هئي، پي ٽي آءِ گذريل 13 سالن ۾ خيبر پختونخواهه کي نقصان پهچايو، ايمرجنسي جو فيصلو پهريان ٿيڻ گهربو هو
نواز شريف چيو ته ڪهڙي ملڪ ۾ وڏو وزير سرڪاري وسيلن سان وفاقي راڄڌاني تي حملو ڪندو آهي؟ صوبائي وسيلن کي اسلام آباد ۽ ٻين صوبن خلاف استعمال ڪرڻ ڪٿان جو طريقو آهي؟
نواز ليگ صدر چيو ته خيبر پختونخواهه جا ماڻهو پي ٽي آءِ حڪومت کان آجا ٿي چڪا آهن، مسلم ليگ ن پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پرعزم آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون عام ماڻهو جي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهيون آهن


