فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف ڀرپور ڪاررويون جاري رهنديون
آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ فيلڊمارشل جنرل عاصم منير پشاور ۾ ڪور هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو
فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي صورتحال، دهشتگردن خلاف ڪاررواين ۽ سرحدي انتظامن بابت بريفنگ ڏني وئي ان سان گڏ کيس صوبي ۾ مقرر يونٽن جي آپريشنل تيارين کان پڻ آگاهه ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب، دهشتگردي جي خطري کي اثرائتي طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ اعليٰ سطحي آپريشنل تياري برقرار رکڻ ۽ مسلسل چوڪس رهڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. آرمي چيف ۽ فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير آفيسرن ۽ جوانن جي بلند حوصلي ۽ پيشه ورانه صلاحيتن کي ساراهيو.
فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چيو ته دهشتگرد جتي به هوندا کين منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو ڀارتي جي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگرد تنظيمن خلاف ڀرپور ڪارروايون جاري رهنديون ، عوام جي حمايت سان پاڪستان دهشتگردن ۽ سندن گمراهه ڪندڙ نظريئي کي مڪمل شڪست ڏيندو
فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير چيو ته پاڪستان جي عوام، شهيدن ۽ سڪيورٽي فورسز جي غازين جي قربانين کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪريون ٿا


