News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

سائنسدانن بنا دوا جي شُگر ضابطي ۾ رکڻ ۽ ٿولهه گهٽائڻ واري ڊوائيس تيار ڪري ورتي

سوئٽزرلينڊ جي سائنسدانن هڪ جديد آزمائشي اوزار تيار ڪيو آهي، جيڪو جسم ۾ لڳائڻ کانپوءِ بجليءَ جي مدد سان رت ۾ شگر جو مقدار گهٽائي سگهي ٿو، جنهن سان شگر ۽ ٿولهه جي علاج لاءِ نيون اميدون پيدا ٿيون آهن

اي ٽي ايڇ زيورخ يونيورسٽي جي تحقيق ڪندڙن جوڙيل اهو اوزار رت ۾ موجود واڌو شگر کي گلوڪونيٽ ۾ تبديل ڪري ٿو، جنهن کي گڙدا پيشاب وسيلي جسم مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين ٿا

تحقيق موجب، وائرليس ٽيڪنالاجيءَ سان هلندڙ هن اوزار کي رت ۾ شگر جو مقدار لڳاتار ماپيندڙ نظام سان ڳنڍيو ويو آهي. ڪوئن تي ڪيل تجربن دوران هن نظام پاڻمرادو رت ۾ شگر جو مقدار ضابطي ۾ رکڻ جا نتيجا ڏيکاريا

تجربن مان اهو پڻ ظاهر ٿيو ته هي اوزار جسم ۾ گڏ ٿيل چرٻيءَ جي استعمال کي وڌائڻ ۾ مدد ڪري ٿو، جنهن سان هڪ ئي وقت شگر ۽ ٿولهه جي علاج جا امڪان پيدا ٿيا آهن

ماهرن موجب، سڄي دنيا ۾ اڍائي ارب کان وڌيڪ ماڻهو شگر ۽ ٿولهه جي گڏيل مسئلي ۾ مبتلا آهن. هن وقت انهن بيمارين جي علاج لاءِ انسولين ۽ مختلف دوائون استعمال ڪيون وڃن ٿيون، جن جا ڪي هاڃيڪار اثر پڻ سامهون ايندا رهن ٿا

بهرحال، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نئون اوزار اڃا آزمائشي مرحلي ۾ آهي ۽ ان جا نتيجا رڳو ڪوئن تي ڪيل تجربن مان حاصل ٿيا آهن. انسانن ۾ ان جي اثرائتي ۽ محفوظ هجڻ جي پڪ ڪرڻ لاءِ وڌيڪ تحقيق ۽ طبي آزمائشون ڪرڻيون پونديون

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *