News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

سلمان خان هن هفتي بگ باس جي ميزباني نه ڪندو! سيڪيورٽي خدشا يا ڪجهه ٻيو؟

ڀارتي ريئلٽي شو ’بگ باس 20‘ جي ايندڙ هفتي نشر ٿيندڙ خاص پروگرام ’وِيڪ اينڊ ڪا وار‘ ۾ سلمان خان بدران فلمساز روهت شيٽي ميزباني ڪندي نظر ايندو. سلمان خان 18 آڪٽوبر تي ٿيل قسط دوران شو جي شرڪت ڪندڙن کي ان تبديليءَ بابت آگاهه ڪيو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب، سلمان خان جي غيرموجودگيءَ جو سبب اڳواٽ طئي ٿيل پيشوراڻي مصروفيتون ٻڌايو پيو وڃي. تنهن هوندي به، سندس غيرموجودگي اهڙي وقت ٿي آهي، جڏهن اداڪار ٽائيگر شروف جي گاڏيءَ تي فائرنگ واري واقعي کانپوءِ سلمان خان جي سيڪيورٽي پڻ خبرن ۾ آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، ٽائيگر شروف جي گاڏيءَ تي فائرنگ کانپوءِ سماجي رابطن جي ويب سائيٽن تي هڪ مبينا پيغام سامهون آيو، جنهن ۾ حملي جي ذميواري قبول ڪرڻ ۽ ممبئيءَ جي فلمي دنيا سان لاڳاپيل ڪجهه ماڻهن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي وئي. ان پيغام ۾ سلمان خان سان گڏ ڪم ڪندڙ ماڻهن کي پڻ خبردار ڪيو ويو هو.

مبينا پيغام ۾ انيل پنڊت نالي هڪ شخص پاڻ کي لارنس بشنوئي ٽولي سان لاڳاپيل ڄاڻائيندي دعويٰ ڪئي ته هو ۽ هرمن سنڌو ان واقعي ۾ ملوث آهن

 پيغام ۾ چيو ويو ته پهرين ٽائيگر شروف سان رابطو ڪري کيس سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر مبينا طور ڳالهه نه مڃڻ تي کيس نشانو بڻايو ويو

 پيغام ۾ اهو به ڌمڪايو ويو ته سلمان خان سان گڏ ڪم ڪندڙ يا سندس ڳالهه نه مڃيندڙ ٻين ماڻهن کي به اهڙن نتيجن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو

ان سان گڏ بشنوئي گينگ سلمان خان کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪندي کيس سخت نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي به ڏني آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *