ملڪ ۾ سون جي اگهن ۾ لاٿ جو سلسلو جاري آهي، اڄ به في تولو سون 3 هزار رپيا سستو ٿي ويو آهي
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، لاٿ کانپوءِ في تولي سون جو اگهه 4 لک 31 هزار 536 رپيا ٿي ويو آهي
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 30 ڊالر سستو ٿيڻ کانپوءِ 4 هزار 90 ڊالرن جو ٿي ويو آهي


