News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

عالمي تڪرارن جي ڪري عام واهپي جي شين جا اگهه وڌي سگهن ٿا: ناڻي وارو وفاقي وزير

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب خدشو ظاهر ڪيو آهي ته عالمي تڪرارن جا اثر عام واهپي وارين شين جي اگهن تي پئجي سگهن ٿا

لاهور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته عالمي معيشت غيريقيني واري صورتحال کي منهن ڏئي رهي آهي، پر ڏکيائين باوجود پاڪستان ۾ معاشي سڌاري جو عمل جاري آهي. سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته عالمي سيڙپڪار پاڪستان سان گڏ ٻين ملڪن جي مارڪيٽن تي به نظر رکي رهيا آهن. هن چيو ته يورپ ۽ آمريڪا جا سيڙپڪار به پاڪستان جي بانڊن ۾ دلچسپي وٺي رهيا آهن

محمد اورنگزيب چيو ته عالمي تڪرارن سبب عام واهپي وارين شين جا اگهه وڌي سگهن ٿا. حڪومت ٽيڪس جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ لاءِ سڌارا آڻي رهي آهي، جڏهن ته معاشي واڌ ويجهه ۾ خانگي شعبي جي حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي

ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت ڪوشش ڪئي ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر پاڪستان ۾ به ماڻهن کي پيٽرول وٺڻ لاءِ ڊگهيون قطارون نه لڳائڻيون پون. حڪومت ضرورت جي بنياد تي رعايتون ڏنيون، ڇاڪاڻ ته وڏيون گاڏيون رکندڙ ماڻهن کي سبسڊي ڏيڻ جي ضرورت ناهي

هن وڌيڪ چيو ته سياري جي مند ۾ توانائي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪم جاري آهي. گئس ۽ پاڻياٺ بڻايل قدرتي گئس (ايل اين جي)جي گهرج پوري ڪرڻي پوندي. پاڪستان ۾ توانائي جي کوٽ پيدا ٿيڻ نه ڏني وئي آهي، جڏهن ته ڪچي تيل سميت توانائي جي ٻين وسيلن جي فراهمي جي صورتحال به اطمينان جوڳي آهي

محمد اورنگزيب چيو ته درآمدن تي گهڻو ڀاڙڻ سبب ماضي ۾ پاڪستان کي ادائيگين جي توازن واري بحران کي منهن ڏيڻو پيو، پر چئن کان پنجن سالن جي ڪوششن کانپوءِ ملڪ جي ساک جي درجي کي ٻيهر ’بي‘ سطح تي آندو ويو آهي

هن اميد ظاهر ڪئي ته هلندڙ مالي سال دوران پاڪستان کي پرڏيهه مان موڪليل ناڻو 44 ارب ڊالرن تائين پهچي ويندو. هن چيو ته جنگ سبب پرڏيهه مان ايندڙ ناڻي ۾ گهٽتائي جو خدشو هو، پر ان جي ابتڙ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *