News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

فيلڊ مارشل تهران ۾ ٺاهه ڪرائڻ ويو، اتي ڪودفاعي معاهدو نه هو نه ئي منهنجي ضرورت: خواجا آصف جو مولانا فضل الرحمان کي جواب

بچاءَ واري وزير خواجا آصف مولانا فضل الرحمان جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته تهران ۾ نه ڪو دفاعي معاهدو ٿي رهيو هو ۽ نه ئي پاڪستان جي دفاع بابت ڳالهه ٻولهه ٿي رهي هئي، تنهنڪري اتي سندس موجودگي ضروري نه هئي

قومي اسيمبلي ۾ مولانا فضل الرحمان جي گذريل ڏينهن واري تقرير جو جواب ڏيندي خواجا آصف چيو ته تهران ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو تعلق بچاءَ واري وزارت جي دائري ۾ نه هو، جڏهن ته تازن ٻن دفاعي معاهدن ۾ هو بچاءَ واري وزير طور شريڪ رهيو آهي

هن چيو ته فيلڊ مارشل امن ڪرائڻ لاءِ تهران ويو هو، هن هڪ جنگ روڪرائي آهي ۽ يمن جو تڪرار به شدت اختيار ڪري سگهيو ٿي

خواجا آصف موجب عالمي سطح تي پاڪستان ۽ فيلڊ مارشل جي ڪردار جو اعتراف ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته سندس ڪوششون امن جي عمل کي اڳتي وڌائڻ لاءِ آهن، هن اميد ظاهر ڪئي ته ايندڙ ڏينهن ۾ وچ اوڀر ۾ هاڪاري نتيجا سامهون ايندا

خواجا آصف مولانا فضل الرحمان کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو کيس شرم ۽ حياءَ جا مهڻا ڏئي ٿو ، پر کيس به پنهنجي ماضيءَ تي نظر وجهڻ گهرجي

هن سوال ڪيو ته مولانا فضل الرحمان 40 سالن دوران ڪهڙن عهدن جا فائدا ورتا ۽ ڪشمير ڪميٽيءَ جي 10 سالن واري چيئرمين شپ دوران ڪهڙيون خدمتون سرانجام ڏنيون؟

خواجا آصف چيو ته مولانا جو ماضي تضادن سان ڀريو پيو آهي ۽ هتي ڪو به مڪمل طور بي داغ ناهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *