ميررضا علي ڪيس جي جڊيشل ڪميشن جي جاچ رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي
جڊيشل ڪميشن جي رپورٽ ۾ پوليس جي جاچ خاميون ، ناقص نگراني ۽ پيشوراڻين ڪوتاهين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي
رپورٽ موجب، حتمي پوسٽ مارٽم مان ظاهر ٿيو آهي ته موت جو سبب پٺيءَ مان لڳندڙ گولي جو زخم هو. رپورٽ ۾ پوليس جي آپگهات واري دعويٰ ۽ طبي-قانوني ثبوتن جي وچ ۾ تضاد جي نشاندهي ڪئي وئي آهي
ڪميشن موجب ڊاڪٽر اسامه شيخ پاران تيار ڪيل ٻي پوسٽ مارٽم رپورٽ، شروعاتي رپورٽ جي نتيجن کان مختلف هئي. جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته گولي جو زخم ۽ ٻيا طبي ثبوت مير رضا جي موت واري ڪيس ۾ انتهائي اهم آهن. ان کان علاوه، رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مڪمل جاچ مڪمل ٿيڻ کان اڳ پوليس جي نتيجن کي ميڊيا آڏو آڻڻ، پيشه ورانه معيارن جي خلاف هو
مير رضا ڪيس ۾ ڊاڪٽر اسامه جي ڪردار ۽ پوليس جي جاچ جي طريقڪار تي انڪوائري رپورٽ ۾ سوال اٿاريا ويا آهن
رپورٽ موجب، ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي جي درخواست تي، ڊاڪٽر اسامه شيخ 9 آگسٽ تي سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اهڙيون ڳالهيون به سامهون آيون ته شايد سي ايم هائوس ۾ ٿيل اجلاس دوران ڊاڪٽر اسامه شيخ تي دٻاءُ وڌو ويو هجي؛ تنهن هوندي به، ان دعويٰ جي حمايت ۾ ڪو به ثبوت ناهي مليو ته واقعي ڪو دٻاءُ وڌو ويو هو
رپورٽ ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي ته جيٽوڻيڪ سنڌ جو وڏو وزير اهم ڪيسن بابت اعليٰ پوليس آفيسرن کان بريفنگ وٺڻ جو اختيار رکي ٿو پر ان هوندي به، شفافيت جي تقاضا اها هئي ته پوليس سرجن کي پڻ گهرايو وڃي ها، پر اهڙو قدم نه کنيو ويو
رپورٽ ۾ مير رضا ڪيس ۾ اهم سي سي ٽي وي وڊيوز قانوني طريقي سان محفوظ نه ڪرڻ جو به انڪشاف ٿيو جڏهن ته اهم ڊجيٽل شاهدن جي وصولي ۽ منتقلي جو مڪمل رڪارڊ به موجود نه آهي ، مير رضا جي موبائل فون جي تحويل ۽ فارنزڪ جاچ جي عمل تي به سوال اٿاريا ويا آهن
جاچ رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته ’مير رضا ڪيس‘ جي نئين سر جاچ لاءِ ڊي آءِ جي عرفان بلوچ جي سربراهيءَ ۾ هڪ گڏيل جاچ ٽيم جوڙي وڃي. ان ٽيم ۾ آءِ ايس آءِ ، آءِ بي رينجرز ۽ سائبر ڪرائم ايجنسي جا نمائندا شامل ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي
. رپورٽ ۾ سفارش ڪئي وئي آهي ته مير رضا ڪيس ۾ غفلت جا ذميوار قرار ڏنل پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. پوليس جي جاچ واري نظام ۾ سڌارا آڻڻ، فارنزڪ سهولتن کي وڌائڻ ۽ پوليس آفيسرن جي تربيت کي بهتر بڻائڻ جي تجويز پڻ ڏني وئي آهي.شاهد متاثر ٿيڻ سبب مير رضا ڪيس جي شاف جاچ ٿيڻ ضروري آهي
جڊيشل ڪمشين مير رضا ڪيس جي رپورٽ 15 آڪٽوبر تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کي پيش ڪئي هئي


