وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سينيٽ جي اجلاس ۾ جي يو آءِ کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته ڪالهه مولانا چيو هو ته هـُو رياست تي ٿُڪين ٿا. انهن لاءِ رياست ان ڏينهن تائين ماءُ هوندي آهي، جيستائين کين پئسو ملندو رهي. جڏهن حڪومت ۾ حصو نه ملي ته رياست تي ٿُڪ اڇلائي ڇڏين ٿا
سينيٽ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي محسن نقوي چيو ته اسان جو ايران جو دورو دفاعي معاهدي بابت نه هو، ڪالهه مولانا فضل الرحمان غلط چيو ته اسان دفاعي معاهدي لاءِ ايران ويا هئاسين، اسان موجوده بحران کي سنڀالڻ لاءِ تهران ويا هئاسين، هُـو پنهنجي شوق سان نه ويندو آهي، وزيراعظم کيس ذميواري ڏني آهي، جنهن سبب کيس وڃڻو پوي ٿو.
هن چيو ته جي يو آءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان سندس باري ۾ بحث ڪري رهي هئي. ذاتي طور تي مان مولانا فضل الرحمان جو احترام ڪندو هئس، پر ڪالهه جڏهن هن چيو ته مان رياست تي ٿُڪيان ٿو، ته هن احترام جي ڪا گنجائش نه ڇڏي. رياست مخالف ڳالهيون سياستدان کي نٿيون جڳن
محسن نقوي چيو ته هاڻي اوهان کي رياست طرفان نه نوڪري ملندي ۽ نه ئي پئسا، جي يو آءِ جي سينيٽر ڪامران مرتضيٰ جي احتجاج تي محسن نقوي چيو ته ڪامران صاحب، اوهان کي ٻڌڻو پوندو. هن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته انهن اسلام کي ڪاروبار بڻائي ڇڏيو آهي، اهي هر ان ڪم لاءِ اسلام کي استعمال ڪن ٿا، جنهن ۾ سندن ذاتي فائدو هجي، اهي ئي ماڻهو اچي چوندا هئا ته گورنر راڄ لاڳو ڪريو ته جيئن اسان جي جان ڇٽي


