News Ticker
🕒 لوڊ ٿي رهيو... _
📅 لوڊ ٿي رهيو... _
🌡️ لوڊ ٿي رهيو... ☀️ 🌤️

"پاڪستان معاشي چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي جڏهن ته حڪومت نئين پاليسين تي ڪم ڪري رهي آهي. موسميات کاتي سنڌ ۽ پنجاب ۾ وڏي ملهه جي اڳڪٿي ڪئي آهي. راندين ۾، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ايندڙ سيريز جي تياري ڪري رهي آهي. صحت جي حوالي سان، وڏن شهرن ۾ موسمي فلو جا نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن. ان سان گڏ، ڪراچي ۽ لاهور ۾ آئي ٽي شعبي تيزي سان وڌي رهيو آهي. تازين تازه ڪارين لاءِ اسان سان ڳنڍيل رهو."

تازا ترين

Picture of Awaz TV

Awaz TV

وفاق جا نمائندا ڪراچيءَ ۾ دلچسپي نٿا وٺن، رڳو شهر ۾ نفرت پکيڙڻ ۾ رڌل آهن: بلاول ڀٽو زرداري

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي حڪومت کي ڪراچيءَ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ⁠ته وفاقي حڪومت شهر ۾ دلچسپي نٿي وٺي، جيڪڏهن شهر ۾ وفاقي ۽ صوبائي ادارا گڏجي ڪم ڪن ته عوام جي خدمت ڪري سگهجي ٿي

لياريءَ ۾ آءِ اسپينسر اسپتال ۾  تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاقي حڪومت جا نمائندا ڪراچيءَ ۾ دلچسپي نٿا وٺن ۽ شهر ۾ نفرت پکيڙڻ ۾ مصروف آهن

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت آءِ اسپينسر اسپتال کي فعال ڪيو ويو آهي، جتي اکين جي بيمارين جو مفت علاج ڪيو ويندو

پيپلز پارٽي چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته  هـُو اسپينسر آءِ اسپتال ۾ مفت علاج ڪرائڻ لاءِ اچن، اسپتالن ۾ مهانگو علاج ڪرائڻ سبب ماڻهن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو

پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته حڪومت جو فرض آهي ته عوام لاءِ آسانيون پيدا ڪري، ملڪ ۾ مهانگائي ۽ بيروزگاري عروج تي آهي، سنڌ حڪومت جي ڪوشش آهي ته عوام تي معاشي بار گهٽائي سگهجي.

بجليءَ جي بلن بابت بلاول ڀٽو زرداري چيو ته بل ايترا وڌي ويا آهن، جو عوام لاءِ انهن جي ادائيگي ڏکي ٿي پئي آهي، هن چيو ته مان سوچي رهيو هئس ته ڪاش سڄي لياريءَ کي شمسي توانائيءَ تي منتقل ڪري سگهون

سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته لياريءَ جي عوام کي شمسي توانائي فراهم ڪئي وڃي

صوبي جي معاملي تي ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽيءَ جو موقف واضح آهي ۽ اهو بار بار سامهون اچي چڪو آهي. سنڌ جي عوام ۽ چونڊيل نمائندن پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، ۽ سنڌ جي قسمت جو فيصلو ڪرڻ جو اختيار رڳو سنڌ جي عوام کي آهيبلاول ڀٽو زرداري چيو ته 28هين آئيني ترميم بابت اسان کي ڪنهن به ڪا ڄاڻ نه ڏني آهي

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *