سنڌ حڪومت ٽرانسجينڊر ڪميونٽي کي تعليمي شعبي ۾ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن تحت خواجه سرا به استاد طور ڀرتي ٿي سگهندا
ان سلسلي ۾ صوبائي تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه سان ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن ۾ سنڌ ۾ ڪميونٽي جي فوڪل پرسن ۽ ڪي ايم سي جي سٽي ڪائونسلر شهزادي راءِ، زهرش خانزادي ۽ مس ڪامي چوڌري شامل هيون
ملاقات دوران ٽرانسجينڊرز کي پيش ايندڙ تعليمي مسئلن ۽ ڏکيائين بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ملاقات دوران ٽرانسجينڊر شاگردن کي اعليٰ تعليم پرائڻ لاءِ سنڌ ايجوڪيشن اينڊومنٽ فنڊ ذريعي اسڪالرشپون ڏيڻ جو فيصلو به ڪيو ويو
ان کانسواءِ ٽرانسجينڊر ايجوڪيشن پاليسي جي مسودي کي ڪميونٽي جي صلاح مشوري سان حتمي شڪل ڏيڻ تي اتفاق ڪيو ويو، جڏهن ته پاليسي جي منظوري واري عمل ۾ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي جي نمائندن کي به شامل ڪيو ويندو
تعليم واري وزير سيد سردار علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت جي ڀرتي واري پاليسي ۾ ٽرانسجينڊر ڪميونٽي لاءِ نوڪرين جو ڪوٽا شامل آهي
هن چيو ته تعليم ۽ گهربل قابليت حاصل ڪرڻ کانپوءِ ٽرانسجينڊرز به استاد طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏئي سگهن ٿا
سيد سردار علي شاهه وڌيڪ چيو ته معاشري ۾ فرق ۽ امتياز بدران احترام، احساس ۽ قبوليت کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي


