پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اوپننگ بيٽر صائم ايوب جي درخواست تي کيس اسڪواڊ مان رليز ڪري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ صاحبزادا فرحان کي ٽيم ۾ شامل ٿيڻ لاءِ طلب ڪيو ويو آهي
پي سي بي موجب، صائم ايوب ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي بيٽنگ تي ڪم ڪرڻ لاءِ اسڪواڊ مان رليز ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جنهن کي پاڪستان ٽيم مئنيجمينٽ ۽ سليڪشن ڪميٽي گڏيل طور منظور ڪري ورتو
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چوڻ آهي ته موجودا فارم کي نظر ۾ رکندي صائم ايوب جي فيصلي کي ساراهيو ويو آهي.
پي سي بي صاحبزادا فرحان کي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو آهي، جيڪو جلد ٽيم کي جوائن ڪندو
ذريعن موجب، صاحبزادا فرحان نيپال پريميئر ليگ ۾ شرڪت لاءِ هن وقت کٽمنڊو ۾ موجود آهي، جتان کيس قومي ذميوارين لاءِ طلب ڪيو ويو آهي.
صاحبزادا فرحان پهرين دستياب اڏام ذريعي وطن واپس روانو ٿيندوواضح رهي ته مسلسل ٽي ڪاميابيون حاصل ڪري فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪندڙ پاڪستاني ٽيم ٽه ملڪي سيريز جي پنجين ميچ ۾ اڱاري، 27 آڪٽوبر تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ سريلنڪا خلاف ميدان ۾ لهندي


