ٽه مُلڪي ون ڊي سيريز جي پنجين ميچ ۾ سريلنڪا پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي وئي
قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ميچ ۾ سريلنڪن ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بالنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستاني ٽيم 25.3 اوورن ۾ 110 رنسن تي ڍير ٿي وئي
پاڪستان طرفان بابر اعظم 29 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته حسن نواز 11، شاهين شاهه آفريدي 15 ۽ عرفات منهاس 10 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ست بيٽر ڊبل فگر ۾ به داخل نه ٿي سگهيا
سريلنڪا جي دلشان مدوشنڪا شاندار بالنگ ڪندي 34 رنسون ڏئي 5 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ساهان آراچگي 2 ،ايشان مالنگا، اسيٿا فرنينڊو ۽ ڊنيٿ ويلالاگي هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
سريلنڪا، پاڪستان طرفام ڏنل 111 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ ٻن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو
ڪميندو مينڊس62 ۽ پوَن رتنائڪي 23 رنسن تي ناٽ آئوٽ موٽيا، جڏهن ته اويشڪا فرنينڊو 16 ۽ ڪوشل مينڊس 8 رنسون ٺاهيون
پاڪستان جي شاهين شاهه آفريدي ۽ عرفات منهاس هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي
ميچ ۾ پنج شڪار ڪرڻ تي تي دلشان مدوشنڪا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو


