ڀارت نيوزيلينڊ کي ٽِين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنجن ميچن جي سيريز ۾ 0-3 جي فيصلائتي سرسي حاصل ڪري ورتي
. ويلنگٽن ۾ کيڏيل ميچ ۾ ڀارت 199 رنسن جو هدف رڳو 13.2 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.
ان کان اڳ ڀارتي ٽيم جي ڪپتان شرياس اَئيَر ٽاس کٽي هڪ ڀيرو ٻيهر بالنگ جو فيصلو ڪيو
نيوزيلينڊ پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 198 رنسون ٺاهيو، ڊيرل مچل 52 بالن تي 89 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جنهن ۾ 5 چوڪا ۽ 5 ڇڪا شامل هئا. فن ايلن 25 بالن تي 40 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته بيون جيڪبس 23 بالن تي 39 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو، گلين فلپس 17 رنسون ٺاهيون.
ڀارت طرفان ارشديپ سنگهه، اڪشر پٽيل ۽ نتيش ڪمار ريڊي هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي.
نيوزيلينڊ جي 199 رنسن جي هدف پٺيان ڊوڙندي ڀارت جي اوپنرن جارحاڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي شاندار شروعات ڏني
اڀيشيڪ شرما رڳو 38 بالن تي 113 رنسن جي طوفاني اننگز کيڏي، جنهن ۾ 9 چوڪا ۽ 11 ڇڪا شامل هئا. ويڀَو سورياونشي 19 بالن تي 45 رنسون ٺاهيون، سندس اننگز ۾ 4 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا.
ان کانسواءِ سنجو سيمسن 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جڏهن ته ڪپتان شريئس ائير 5 رنسون ٺاهيون، تلڪ ورما هڪ ۽ نمن ڌير 4 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا
نيوزيلينڊ طرفان ڪائل جيميسن 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته ميٿيو فشر ۽ مچل سينٽنر هڪ، هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.
شاندار سينچري اسڪور ڪرڻ تي اڀيشيڪ شرما کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنوويو


